ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداريءَ جو ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾ علاج جاري آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي صدر جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي ۽ کيس آئيسوليشن ۾ رکيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري انفيڪشنز ڊيزيز جي ماهرن جي نگراني هيٺ آهي ۽ ساڻس ملاقات تي مڪمل پابندي آهي.
ڊاڪٽر عاصم حسين جو چوڻ هو ته صدر جو طبي معائنو ڪيو يو آهي ۽ مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي.
ان کان اڳ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداريءَ جي طبيعت ۾ بهتري اچي رهي آهي.
شرجيل ميمڻ موجب، صدر زرداري کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خبرون غلط آهن، هو جلد مڪمل طور صحتياب ٿي ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف به صدر زرداري سان رابطو ڪري سندس صحت بابت معلومات ورتي.
ان موقعي وزيراعظم صدر کي آٿت ڏيندي چيو ته پوري قوم جون دُعائون اوهان سان گڏ آهن، الله اوهان کي جلد مڪمل صحتياب ڪندو.
ان کانسواءِ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري به صدر زرداري جي معالج ڊاڪٽر عاصم سان ٽيليفون تي رابطو ڪري سندس طبيعت بابت ڄاڻ ورتي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آصف زرداري کي نوابشاهه کان ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي سندس طبي معائنو ڪيو ويو.