ڪراچي (پ ر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه گڙهي خدا بخش پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري.
هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي.
ان موقعي تي سيد اويس قادر شاهه چيو ته ڀٽو خاندان جون قربانيون جمهوريت جي بقا ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ ناقابل فراموش آهن.
هن وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي انهن جي مشن کي جاري رکندي.
سيد اويس قادر شاهه پ پ جي سينيئر اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ ايم پي اي سيد فرخ خورشيد احمد شاهه سان پڻ ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ جمهوريت کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
سيد اويس قادر شاهه چيو ته پ پ هميشه عوامي خدمت ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ اڳيان رهي آهي، شهيدن جو مشن اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو ۽ پ پ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
You might also like