سلمان خان پاڪستاني فنڪارن سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار، وڏو بيان ڏئي ڇڏيائين

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سلطان سلمان خان پاڪستاني اداڪارن سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهري ڪري ڇڏي.
سلمان خان اڄڪلهه پنهنجي نئين فلم ” سڪندر “ جي پروموشن ۾ رڌل آهي، جيڪا 30 مارچ تي سئنما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.
ان سلسلي ۾ اداڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي مختلف سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستاني فنڪارن سان گڏ ڪم ڪرن بابت پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.
سلمان خان کان پڇيو ويو ته ڇا هو پاڪستاني اداڪارن سان ڪم ڪرڻ چاهيندو؟ جنهن جي جواب م سپر اسٽار چيو ته مان پاڪستاني اداڪارن سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، هو حڪومت ويزا جي اجازت وٺي اچي سگهن ٿا.
واضح رهي ته ڀارت وڃي بالي ووڊ ۾ پاڪستان جون مشهور اداڪارن ڪم ڪيو آهي جن ۾ سجل علي، فواد، خان، ماهرا خان، علي ظفر، جاويد اختر، عمران عباس، عدنان صديقي سميت بيا اداڪار شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.