پاڪپتن (ويب ڊيسڪ) پاڪپتن ۾ 8 ورهين جي ٻار عيد لاءِ پيسا نه ملڻ تي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب پاڪپتن جي گلزار آباد پاڙي ۾ عيد لاءِ پيسا نه ملڻ تي 8 ورهين جي پٽ پنهنجي ماءُ ثوبيا بي بي سيني ۾ قينچي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ ٿڏي تي فوت ٿي وئي.
پوليس ٻڌايو ته ننڍي عمر جي جوابدار کي حراست ۾ وٺي قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like