اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان جي 40 مختلف بئنڪ اڪائونٽن مان 20 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جو انڪشاف ٿيو آهي.
مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جاچ جاري آهي، جنهن سلسلي ۾ گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ماتحت ڪميٽي ٻئي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
اجلاس ۾ پوليس، ايف آءِ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن بريفنگ ڏني، جنهن دوران ٻڌايو ويو ته ارمغان جي مختلف بئنڪ اڪائونٽن ذريعي وڏي پئماني تي مني لانڊرنگ ڪئي وئي.
جاچ دوران انهن اڪائونٽن جي برانچ مئنيجرز کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب، ارمغان کي سامان پهچائيندڙ ڪوريئر ڪمپني کي پڻ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي انٽرپول ذريعي انهن پرڏيهين سان رابطو ڪري رهي آهي، جيڪي ارمغان سان ملاقات لاءِ پاڪستان آيا هئا.
ان کانسواءِ جاچ دوران ارمغان جي استعمال هيٺ غيررجسٽرڊ گاڏين بابت به تفيصيل گڏ ڪيا پيا وڃن، سندس گهر مان هٿ آيل هٿيار، موبائل فونن ۽ ليپ ٽاپس جي فارنزڪ جاچ جاري آهي.
بريفنگ دوران اهو پڻ ڄاڻايو ويو ته ارمغان کي ٻه سيڪيورٽي ڪمپنيون ۽ هڪ باڪسر ايسوسيئيشن سيڪيورٽي گارڊ فراهم ڪري رهيون هيون.
Prev Post
You might also like