آءِ ايم ايف حڪومت کي بجلي اگهه گهٽائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي بجلي جي ٽيرف ۾ هڪ رپيو في يونٽ گهٽتائي جي اجازت ڏئي ڇڏي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته سڀني واهپيدارن کي بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو في يونٽ رليف ملندو، جيڪو ڪيپٽيئو پاور پلانٽن تي لاڳو ليوي مان حاصل ٿيل آمدني ذريعي ڏنو ويندو.
عالمي مالياتي فنڊ موجب، ڪيپٽيئو پاور پلانٽن طرفان گئس واپرائڻ تي ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حڪومت پاران واهپيدارن لاءِ بجلي جي رليف پيڪيج تي به ڪم جاري آهي.
آءِ ايم ايف جي منظوري کانپوءِ بجلي جي اگهن ۾ رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو في ڪلو واٽ گهٽتائي سان واهپيدارن تي مجموعي طور 100 ارب رپين جو بار گهٽ ٿيندو. جيڪو واهپيدار 500 يونٽ بجلي استعمال ڪندو، ان جي بل ۾ 500 رپين جي گهٽتائي ايندي.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 1.3 ارب ڊالر قرض لاءِ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.