ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جو نالو هن ڀيري فلمن يا فيشن سبب نه پر هڪ اهڙي گَهڙي جي ڪري بحث هيٺ آهي، جيڪا هندو مذهبي علامتن جي نمائندگي ڪري ٿي.
تازو ئي فلم ”سڪندر“ جي مشهوري مهم دوران سلمان خان کي هڪ مهانگي واچ پاتل هئي جنهن تي رام مندر جو عڪس ۽ هندو ديوتائن جون تصويرون ٺهيل آهن.
اِها واچ ”جيڪب اينڊ ڪو ايپڪ ايڪس رام جنم ڀومي ٽائيٽينيم ايڊيشن 2“ آهي، جنهن جي قيمت 34 لک ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي.
سلمان جون ان واچ سان تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي سندس عقيدن بابت ڇڙي ويو آهي
سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو بي جي پي ۽ نريندر مودي جي خوشامد لاءِ اهڙا قدم کڻي رهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن موجب اِهو سندس فيشن ۽ فلم جي مشهوري مهم جو حصو آهي.
واضح رهي ته سلمان خان جو پيءُ سليم خان مسلمان آهن، جڏهن ته سندس ماءُ سلمٰيٰ خان هندو هئي.
سلمان خان مختلف موقعن پنهنجي گهڻ ثقافتي پسمنظر بابت خيالن جو اظهار ڪري چڪو آهي، پر نقادن خيال آهي ته موجوده حالتن ۾ سندس اهڙا فيصلا سياسي دٻاءُ جو نتيجو ٿي سگهن ٿا.
بالي ووڊ سلطان جي واچ تي بحث انڪري به شدت اختيار ڪري ويو آهي ته ڇو ته ڀارت ۾ اقليتن، خاص طور تي مسلمانن لاءِ حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن.
You might also like