اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا.
پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن، ڪوهاٽ، بونير ۽ صوابي ۾ به زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.
ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو، ڪيترائي شهري ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.