ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ حڪمران پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽي به نيٺ ميدان تي اچي وئي،احتجاجي مظاهرا،پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ پاران اعلانيل سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال اڏڻ خلاف پيپلزپارٽي ملير جي ضلعي صدر ايم پي اي راجا عبدالرزاق بلوچ ۽ چونڊيل نمائندن جي اڳواڻي ۾ ملير جي مختلف علائقن کان ريليون ڪڍي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ صوبائي وزير شاهينه شير علي، صوبائي صلاحڪار محمد سليم بلوچ، صوبائي صلاحڪار امان الله مسعود، ايم پي اي محمد ساجد جوکيو، ايم اين اي آغا رفيع الله، ضلعي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، ابراهيم حيدري ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو، ملير ٽائون چيئرمين جان محمد بلوچ، شاهجهان خان، آغا طارق پٺاڻ، حاجي علي احمد جوکيو، داد ڪريم بلوچ سميت پارٽي اڳواڻن، يوسي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت پ پ جي سهاري تي هلي رهي آهي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻن پيا جيڪو سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي جيڪو اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي ڄامشوري ۾ ريلي جي اڳواڻي ايم پي اي شام سندر آڏواڻي، ضلعي جنرل سيڪريٽريءَ ڊاڪٽر موھن لال ڪوھستاني، سپاف ضلعي صدر فياض جمالي، سورج ڪمار اڪراڻي، ممتاز راهوجو، ڪمال خان ڇڇر ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. احتجاجي مظاهري ۾ سنڌو درياھ مٿان ڪينال نامنظور جا نعرا لڳايا پيا ويا ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته پيپلزپارٽيءَ ھميشه سنڌ جي پاڻي جو تحفظ ڪيو آھي. ڪالاباغ ڊيم خلاف به شھيد بينظير ڀٽو، ڪمون شھيد وٽ ڌرڻو ھنيو ھو ھن وقت به بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌوءَ جو پاڻي بچائڻ لاءِ نڪري چڪو آھي ميرپورخاص ۾ ميئر عبدالرئوف غوري، ڊپٽي ميئر سُميرا بلوچ، يوسي چيئرمينن، پ پ اڳواڻن ۽ عورت مرد سوين ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، نه کپن نه کپن ڪينال نه کپن جا نعرا هڻندي شهر جي مختلف روڊن تي گشت ڪندي ميرپورخاص پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن ايم اين اي پير آفتاب حسين شاهه جيلاني، ايم اين اي مير منور ٽالپر، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، وڏي وزير جي خاص صلاحڪار جنيد بلند، ايم پي اي خيرالنساءُ مغل، ايم پي اي نور احمد ڀرڳڙي،عبدالسلام ميمڻ ۽ ٻين چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به عوام سان بيوفائي نه ڪندي هوڏانهن نوابشاهه ۾ نوابشاھ ضلعي جي صدر سالم زرداري ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي سيد غلام مصطفيٰ شاھ، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ايم پي اي جاويد چوڌري ايڊوڪيٽ علي حيدر شاھ راشد چانڊيو، شير باز مري، عبدالنبي جمالي، عبدالرسول بروهي، سيد عزير شاھ ، ميان خان رند ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ کان ريلي ڪڍي وئي لاڙڪاڻي ۾ ايم پي اي جميل احمد سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري، سٽي ڊسٽرڪٽ جي صدر خير محمد شيخ، تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال، چيئرمين دڙي ٽائون شاھ رخ انور سيال، منير احمد سومرو، غلام رسول لغاري، پ پ پ سپاف جي ضلعي صدر عبدالرحمان موريو، محمد صديق ڪوريجو، ڪاشف علي شيخ، محمد قاسم بروهي، مير اختر بروهي، عمران شيخ، منور مغيري، عبدالغني جتوئي، عمران سيٺار سميت پارٽي ورڪرن، جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ بئنر، پلي ڪارڊ، پارٽي جهنڊا ۽ قومي پرچم کڻي وفاق خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ درياھ مٿان ڪو به تڪراري ڪئنال اڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته سنڌ سان غداري ماءُ سان غداري آهي ۽ اسان ڪنهن جي به خلاف نه آهيون، اسين سڄي سنڌ ۾ نڪرنداسين ان وقت تائين خاموش نه ويهنداسين جيسيتائين ڪئنالن وارو منصوبو رد نه ٿو ٿئي.نوشهروفيروز ۾ ضلعي صدر سهيل اختر عباسي ، مسرور احمد راڄپر، ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ، ايم پي اي حسن علي شاهه، ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه ،ليديز ونگ جي صدر فاطما شهناز انصاري، خالد مسعود چنا، دوست علي سولنگي، اسماعيل ڪورائي علي اڪبر سمون، عثمان عالماڻي، پير خالد سيف الله ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عباسي هائوس کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي ٻئي پاسي پ پ پ ٺٽي ۽ سجاول پاران سنڌو درياءِ جي آخري حد دولھ درياءِ خان پُل تي صوبائي صدر نثار احمد کھڙو، ضلعي صدر ٺٽو صادق علي ميمڻ، سجاول جي ضلعي صدر ۽ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي اڳواڻي ۾ سنڌوءُ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنھن جي ڪري سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. احتجاجي ڌرڻي ۾ صوبائي وزير سيد رياض حُسين شاھ شيرازي، عاشق حُسين زرداري، صوبائي اڳواڻ جاويد ناياب لغاري، پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر نواز علي شاھ، جنرل سيڪريٽري دوست علي جيسر، اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي، ايم پي اي شاھ حُسين شاھ شيرازي، رخسانه شاھ، ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ، گھوڙاٻاري جي تعلقي صدر محمد رمضان پنھور سميت پارٽي ۽ ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي صدر نثار احمد کھڙو، رياض شاھ شيرازي، صادق علي ميمڻ، محمد علي ملڪاڻي، نواز علي شاھ، دوست علي جيسر، امتياز قريشي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جيئن ڪالاباغ ڊيم کي رد دفن ڪيو ۽ ايئن ئي ڪئنالن کي دفن ڪرائي سُک جو ساھ کڻندا، اسان گرين پاڪستان چاھيون ٿا پر ان آڙ ۾ سنڌ کي بنجر بنائڻ واري سازش ناڪام بڻائينداسين، پ پ پ جي اعليٰ قيادت جو چٽو موقف آھي ته سنڌ جي حصي جي پاڻي مان ڦڙو به ڪنھن کي نه ڏينداسين، بلاول ڀٽو زرداري 4 اپريل واري جلسي ۾ اھم اعلان ڪندو ۽ عيد بعد جدوجھد کي ٻيھر تيز ڪيو ويندو، اسان پنجاب حڪومت کي اکيون ڏيکارڻ آيا آھيون، مخالفن وٽ سياست جو ٻيو ڪو جواز ناھي ان ڪري ھُو پ پ پ جي ھر سٺي عمل کي خراب بڻائي پنھنجي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا اھن پر کين خبر ناھي ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو پ پ پ سان گڏ آھن. سڄي سنڌ ۾ اڄوڪا ڌرڻا پنجاب حڪومت لاءِ وارننگ آھن ته ھُو سنڌ جي پاڻي ۾ ميري اک وجھڻ جي ڪوشش نه ڪري. ھنن چيو ته تڪراري ڪئنال ٺھڻ سان ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سنڌ بنجر بڻجي ويندي، ھنن وڏن شھرن ۾ رھندڙ ماڻھن کي مخاطب ٿيندي چيو ته کين سمجھڻ گھرجي ته پاڻي صرف ٻھراڙي جي ماڻھن جو مسئلو ناھي پر سڀاڻي ڪراچي سميت سنڌ جا وڏا شھر پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان ھوندا، هنن چيو ته ھي اقتدار سنڌ جي ماڻھن ڏنو آھي ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ اقتدار کي ٿڏڻ اسان لاءِ وڏو مسئلو نه ٿيندو، سکر ۾ احتجاجي جلسي خطاب ڪندي ميئرسکر بيريسٽرارسلان اسلام شيخ، ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل، پ پ جنرل سيڪريٽري ضلعو سکر ويرم خان مهر چيو ته پ پ جي سوچ ۽ مطالبو اهوئي آھي جيڪو سنڌ جي عوام جو آھي هزارين سالن کان سنڌو درياھ تي سنڌ جو حق آھي هنن چيو ته پيپلز پارٽي خلاف قوم پرست اجائي ويلا ڪن پيا جيڪڏهن قوم پرست سنڌ سان ايترا سچا آھن ته اسان سان گڏجي احتجاج ڪن، جيڪڏهن پنجاب ضد تان نه لٿو ته سنڌ پنجاب دنگ بند ڪرڻ سميت انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وينداسين، احتجاجي جلسي کي ٽائون چيئرمين دين محمد راجپوت، وائس چئرمين غلام مرتضيٰ گهانگهرو ، يوسي چيئرمين شفيق احمد پيرزادو، يوسي چيئرمين مير عبدالرحمان مينگل، ليبر بيورو صدراڪبر چانڊيو پ پ سپاف، ليڊيز ونگ اڳوڻن ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،شڪارپور ۾ پيپلزپارٽي طرفان ڪئنالن خلاف ڀيو هائوس کان ضلعي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار مير بابل ڀيو، ايم اين اي شھريار مهر، ايم پي اي آغا سراج دراني،ايم پي اي محمد عارف مهر،شڪارپور جي ضلعي چيئرمين ذوالفقار خان ڪماريو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي اڳواڻن چيو ته سنڌ درياء مان نڪرندڙ سمورن ڪئنالن کي اسين رد ڪيون ٿا،عمرڪوٽ ۾ پ پ ضلع صدر ڊاڪٽر نور علي شاهه، پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، جنرل سڪريٽري صوفي نواز سومرو، انفارميشن سڪريٽري برهان الدين ڪنڀار, حاجي بقا پلي ۽ ٻين جي اڳواڻي امير ھائوس کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو اڳواڻن چيو ته ڪئنال ڪڍڻ خلاف مزاحمت تيز ڪري اهو غير قانوني منصوبو رد ڪرايو ويندو دادو ۾ پ پ پ ضلعي دادو جي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي رفيق احمد جمالي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غيرآباد ۽ بنجر بڻجي ويندي، ريلي کي ايم اين اي عرفان ظفر لغاري، ايم پي اي فياض علي ٻٽ، ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا لغاري، پيپلز پارٽي ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري غلام دستگير ڳورڙ خطاب ڪيو، ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻن رئيس بابن خان پنهور، غلام مرتضيٰ ڳورڙ، صدام ٻلهڙو محمد حسن قمبراڻي، عبدالمطلب پنهور، عرفان سولنگي ۽ ٻيا موجود هئا،هوڏانهن جيڪب آباد ۾ سنڌو دريا مان ڪئنال ڪڍڻ جي منصوبي خلاف پ پ جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران ضلعي اطلاعات سيڪريٽري علي ارمان کوسو، پ پ پ سٽي صدر شوڪت علي گھنيو، جنرل سيڪريٽري احتشام سعيد، بابر علي ٿهيم، چنگيز خان کوسو، عبدالله مگسي، نثار احمد اوڍو، جاويد مينگل، ديدار جکراڻي، دلاور لاشاري، ڊاڪٽر اصغر مغيري، صديق لهر، برڪت علي دشتي، اصغر سيال، آغا غضنفر علي پٺاڻ، سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلعي آفيس کان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ڪراچي ۾ رضا رباني جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد پاران پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف گل سينٽر کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي گل سينٽر ايس ايس پي چوڪ ۽ حيدر چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي. پ پ ڪارڪنن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا. جن تي لکيل ھو چولستان ڪئنال نامنظور سنڌو درياهه تي ڪئنال نامنظور جا نعرا لکيل ھئا. ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو خطاب ڪندي چيو ته پ پ سنڌو درياهه تي ڪينالن جي منصوبي کي رد ڪري چڪي آهي. سنڌ اسيمبلي مان قرارداد منظور ڪرائي آهي. صدر آصف علي زرداري جو واضع موقف به اچي چڪو آهي. پ پ سنڌو درياهه جو بچاء ڪندي. هن چيو ته پ پ پاڻي جي مسئلي تي ڀرپور آواز اٿاريو آھي. پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندڙ پنهنجي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسان ڪالهه به سنڌ جي پاڻي لاءِ جدوجهد ڪئي هئي ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين. ڪنهن کي به سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين. احتجاج کي پ پ اڳواڻ عاجز ڌامره سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.