ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان جي ايندڙ فلم ”سڪندر“ جي ٽريلر رليز ٿيندي ئي نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
فلم سڪندر عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿيندي، جنهن جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سلمان خان کي روايتي ايڪشن ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
تقريبن ساڍا ٽي منٽ دورانيي جي ٽريلر مان فلم جي ڪهاڻي کي سمجهڻ ڏکيو آهي پر اشارو ملي ٿو ته سلمان خان نه رڳو سماجي اڳواڻ پر بدمعاشن جي پيءَ طور به نظر ايندو.
ٽريلر ۾ سلمان خان کي نه رڳو بدمعاش سياستدانن پر پوليس وردي ۾ موجود ڪارين رڍن سان به وچڙندي ڏيکاريو ويو آهي، گڏوگڏ هو عمر ۾ پاڻ کان ننڍي اداڪارا رشميڪا سان رومانس به ڪري رهيو آهي.
فلم جو ٽريلر 23 مارچ تي رليز ڪيو ويو، جنهن کي 24 ڪلاڪن ۾ ساڍا 4 ڪروڙ ڀيرا ڏٺو ويو، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.
You might also like