ڪراچي: واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ ڳورهاري عورت مڙس سوڌي فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪر جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر ۾ ڳورهاري عورت مڙس سميت فوت ٿي وئي، جڏهن ته تازي ڄاول ٻار به دم ڏئي ڇڏيو.
ريسڪيو ذريعن موجب افسوسناڪ واقعو ملير هالٽ ڀرسان پيش آيو، جتي واٽر ٽينڪر موٽر سائيڪل سوار زال مڙس کي چٿي ڇڏيو.
پوليس موجب عورت ڳورهاري هئي، جنهن زخمي حالت ۾ ٻار کي جنم ڏنو پر اهو به فوت ٿي ويو.
پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽينڪر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، حادثو امڪاني طور واٽر ٽينڪر جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.