پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ جي اسڪواڊ جو اعلان

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو محمد عباس ۽ نِڪ ڪيلي کي شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 29 مارچ ڇنڇر کان شروع ٿيندي، جنهن ۾ ڪيوي ٽيم جي قيادت ٽام ليٿم ڪندو.
نيوزيلينڊ جي اسڪواڊ ۾ ڪپتان ٽام ليٿم کانسواءِ محمد عباس، ادي اشوڪ، مچل بريسويل، مارڪ چيپمين، جيڪب ڊفي، مچ هي، نڪ ڪيلي، ڊيرل مچل، ول او رورڪي، بين سيئرز، نيٿن سمٿ ۽ ول ينگ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.