لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٻه طرفي سيريز ۾ ون ڊي ميچون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻه طرفي سيريز ۾ ون ڊي ميچون نه کيڏيون وينديون، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز مئي ۾ شيڊيول آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي بورڊن ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کي نظر ۾ رکندي گڏيل طور تي هڪ ڏينهن وارين ميچن کي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، طئي ٿيل ايف ٽي پي موجب، بنگلاديش پاڪستان ۾ ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻي هئي، اَپ ڊيٽ شيڊيول تحت هاڻي بنگلاديشي ٽيم پنج ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو ايف ٽي پي کان هٽي ڪري بنگلاديش جي دوري دوران ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻ جو امڪان آهي، پاڪستان ٽيم جولاءِ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ بنگلاديش جو دورو ڪندي.
You might also like