190 ملين پائونڊ ڪيس، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي درخواستن تي اهم اڳڀرائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي سزا معطلي درخواست تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو، قائم مقام چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف ٻڌڻي ڪندا.
رجسٽرار آفيس پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جون درخواستون اعتراضن سان مقرر ڪيون آهن، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي اپيل جي حتمي فيصلي تائين سزا معطلي جون درخواستون داخل ڪيون آهن.
اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب بدنيتي سان پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، اڻ پوري جاچ جي بنياد تي تڪڙ ۾ سزا ٻڌائي وئي، احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.