ڪرينا ڪپور جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ سندس ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿي: حِرا ماني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) خوبرو اداڪارا ۽ ماڊل حرا ماني ڀارت جي هڪ مشهور اداڪارا جي حياتي تي ٺهندڙ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهري ڪري ڇڏي .
انسٽاگرام تي تيزيءَ سان وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾حرا ماني هڪ نجي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ دوران هن ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
هوءَ اڳ به ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري چڪي آهي، پر هن ڀيري هن ناليواري ڀارتي اداڪارا جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو.
انٽرويوءَ دوران حرا ماني چيو ته هوءَ بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور جي بايوپِڪ ۾ ڪم ڪرڻ چاهيندي.
ياد رهي ته حرا ماني پاڻ کي ڪرينا ڪپور سان هڪجڙائي رکندڙ قرار ڏيندي رهي آهي ۽ فلم”جب وي ميٽ“ ۾ ڪرينا جي ڪردار ”گيت“ کي بهتر نموني نڀائڻ جي دعويٰ پڻ ڪري چڪي آهي.
حرا ماني جو چوڻ هو ته ”جب وي ميٽ“ ۾ گيت جو ڪردار سندس حقيقي زندگيءَ سان گهڻو ملندڙ جلندڙ آهي، انڪري هوءَ ان ڪردار سان بهترين طريقي سان انصاف ڪري سگهي ٿي.
ان کانسواءِ هن پنهنجي وڻندڙ ۽ اڻ وڻندڙ کاڌن بابت به ويچار ونڊيا.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته “مان برياني ۾ زردو به ملائي کائيندي آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ فروٽ چاٽ به شامل ڪري ڇڏيندي آهيان.“
سندس ان ڳالهه تي ميزبان وائڙو ٿي ويو ۽ کائنس پڇيو ته ” برياني ۾ فروٽ چاٽ ڪير ملائي کائيندو آهي؟ “ جنهن تي اداڪارا وراڻيو ته ” مان اهڙي ئي آهيان، ماني به مون کان اهڙا ئي سوال ڪندو آهي، جڏهن مان هن کي به اهڙي برياني پيش ڪندي آهيان ته هو چڙي ويندو آهي.“
حرا ماني وڌيڪ چيو ته هن کي مٺو ڏاڍو پسند آهي، شايد انڪري هوءَ ائين ڪندي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.