سنڌ جي نوجوانن لاءِ لکين رپيا ماهوار ڪمائڻ جو موقعو، مراد علي شاهه وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه 30 هزار شاگردن کي گوگل اسڪالرشپس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن سان شاگردن کي 70 هزار کان 16 لک رپيا ماهوار ڪمائڻ جو موقعو ملندو.
سنڌ حڪومت، گوگل ۽ ٽيچ ويلي ۾ معاهدي جي تقريب وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وڏي وزير 30 يونيورسٽين جي 30 هزار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڊجيٽل تعليم ۽ هنرمندي ۾ انقلابي قدم کڻي رهي آهي، جنهن سان سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ملندي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ گوگل وچ ۾ اهم معاهدو ڪيو ويو آهي، گهٽ مراعت يافته طبقن ۽ عورتن لاءِ خاص ڪوٽا مقرر ڪئي وئي آهي، ڪورس گوگل جي ماهرن تيار ڪيا آهن ۽ انهن کي آن لائن مڪمل ڪري سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ 3 کان 6 مهينن جي مدي جا ڪورس آهن، چاهيون ٿا ته سنڌ جا شاگرد عالمي معيار جي تربيت حاصل ڪن، اسڪالرشپ ۾ 30 سيڪڙو عورتن جو هدف رکيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ پٺ تي پيل طبقن تي ڌيان ڏنو ويندو.
مراد علي شاهه چيو ته گوگل اسڪالرشپ يافته شاگرد 70 هزار کان 16 لک رپيا ماهوار پگهار حاصل ڪري رهيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو عورتن کي ڊجيٽل تعليم جا موقعا ڏنا پيا وڃن، سنڌ جي هر نوجوان لاءِ برابر تعليمي موقعا يقيني بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.