لاهور (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن ڪا به وڏي رنڊڪ نه آهي جلد خوشخبري ملندي.
لاهور ۾ هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جهڙن وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جتان گليشئرز تيزيءَ سان پگهري رهيا آهن، جڏهن ته لاهور ۾ سموگ سبب معاشي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن.
هن چيو ته موسمياتي تبديليون ۽ آبادي ملڪ لاءِ وڏا خطرا آهن، سياري ۾ گهٽ برساتون به خطري جو اهم اشارو آهن، ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان بچڻ لاءِ فنڊ جو نظام آڻينداسين.
سينيٽر محمد اورنگزيب ٻڌايو ته گذريل ٻن هفتن دوران موسمياتي تبديلين لاءِ فنانسنگ تي آءِ ايم ايف سان مثبت ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته ٻوڏ جي نقصانن جي بحالي لاءِ 10 ارب ڊالر جي امداد جو واعدو ڪيو ويو، پر اسان عمل جوڳا منصوبا نه ٺاهي سگهياسين، جنهن سبب امداد استعمال نه ٿي سگهي.
موسمياتي فنانسنگ لاءِ عمل جوڳا منصوبا آڻڻا پوندا، جڏهن ته ناڻي وزارت به موسمياتي تبديلين جي روڪٿام لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي.
ناڻي واري وزير جو جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ گدلاڻ تيزي سان وڌي رهي آهي، ان تي ضابطو آڻڻ اصل چئلينج آهي، پاڪستان جو واٽر سائيڪل متاثر ٿي رهيو آهي، اسان وٽ وقت محدود آهي، ان مسئلي کي جلد حل نه ڪيو ته معيشيت کي نقصان ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته عالمي بئنڪ سان ڪنٽري پارٽنرشپ تي به سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، فنانسنگ سان گڏ صلاحيتن کي به بهتر بڻائڻو پوندو، اسان کي ماحول دوست منصوبا آڻڻا پوندا.