ڪوهلي سان انڊر 19 ورلڊ ڪپ کيڏندڙ ڪرڪيٽر هاڻي آءِ پي ايل ۾ امپائرنگ ڪندو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) تنمي سريواستو 2008ع ۾ ويرات ڪوهلي جي قيادت هيٺ انڊر19 ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ڀارتي اسڪواڊ جو اهم حصو رهيو ۽ اٽڪل ڏهن ورهين کانپوءِ آءِ پي ايل ۾ واپسي ڪري رهيو آهي.
پر هن ڀيري هو ميدان ڪرڪيٽر طور نه پر امپائر جي حيثيت ۾ نظر ايندو. ان سان گڏوگڏ هو رانديگر طور آءِ پي ايل کيڏندڙ ۽ امپائرنگ ڪندڙ پهريون رانديگر پڻ بڻجي ويندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اتر پرديش جو اڳوڻو اوپنر تنمي سريواستو 2008ع ۾ ملائيشيا ۾ ٿيل انڊر19 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر هو.
اڳوڻي ڀارتي بيٽر آءِ پي ايل جي شروعاتي ٻن سيزن ۾ ڪنگز اليون پنجاب جي نمائندگي ڪئي هئي.
تنمي سريواستو 2020ع ۾ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
هن 90 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 4918 رنسون ٺاهيون، هن سڀ کان وڌيڪ ميچون اتر پرديش لاءِ کيڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.