نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) چيمپيئنز ٽرافي ۾ فتح کانپوءِ پنهنجي ٽيم لاءِ وڏي انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بي سي سي آءِ موجب، چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ تي ڀارتي ٽيم کي 58 ڪروڙ ڀارتي رپيا ڏنا ويندا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته هيءَ انعامي رقم ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن، ڪوچنگ اسٽاف، ۽ سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ۾ ورهائي ويندي.
ٻئي پاسي چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح ٽيم لاءِ آءِ سي سي پاران به انعامي رقم جو اعلان ڪيو ويو آھي.
پاڪستان جي ميزباني هيٺ کيڏي ويل چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح ڀارتي ٽيم کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان 22 لک 40 هزار آمريڪي ڊالرز ڏنا ويا، جڏهن ته رنر اپ نيوزيلينڊ کي 11 لک 20 هزار ڊالرز مليا.
ياد رهي ته 9 مارچ تي چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ کيڏيو ويو، جتي ڀارتي ٽيم 4 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو ھو.
You might also like