ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس مصطفيٰ قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان جي پيءُ ڪامران اصغر قريشي کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس ڪامران اصغر قريشي کي ڊفينس خيابان مومن ۾ ارمغان جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو.
ايس ايس پي اي وي سي سي موجب، جوابدار ارمغان جو پيءُ ڪامران اصغر قريشي پوليس جي حراست ۾ آهي، جڏهن ته ھن وٽان منشيات ۽ غيرقانوني هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
You might also like