ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ليويز فورس جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالغفار مگسي ضلعي چاغيءَ ۾ بزدلي ڏيکارڻ تي 4 ليويز اهلڪارن کي نوڪريءَ مان برطرف ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، چاغي ليويز جي 4 اهلڪارن کان شرپسندن هٿيار کسيا، جنهن کانپوءِ ڊي جي بلوچستان ليويز کين نوڪريءَ مان برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ڊي جي ليويز فورس بلوچستان واضح ڪيو ته دهشتگرد حملن دوران بزدلي ڏيکاريندڙ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، غفلت ڪندڙ ليويز اهلڪارن کي 2015 جي تاديبي قانونن تحت سخت ڪارروائيءَ جو به منهن ڏسڻو پوندو.
You might also like