سون مسلسل مهانگو، اگهه بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ مسلسل چوٿين ڏينهن سون جو اگهه نئون رڪارڊ جوڙي ورتو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 1800 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 20 هزار 8 سئو رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1543 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 75 هزار 34 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 12 ڊالر اضافي کانپوءِ 3 هزار 50 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.