اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته افغانستان دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهه بڻجي چڪو آهي، جيڪڏهن دنيا ان جو نوٽيس نه ورتو ته پاڪستان ۾ لڳل باهه پاڙيسري ملڪن تائين به پکڙجي سگهي ٿي.
هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا جي شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران اسپيڪر پاڪستان جي قانون سازي، قومي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف پيش ڪيو.
اسپيڪر جو چوڻ هو ته پاڪستان کي دهشتگردي ۽ موسمياتي تبديلين جي سنگين چئلينجن کي منهن ڏئي رھيو آھي.
هن چيو ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، جنهن جا ڪيترائي ثبوت افغان عبوري حڪومت کي مهيا ڪيا ويا آهن.
سردار اياز صادق جو چوڻ هو ته پاڪستان هي معاملو گڏيل قومن ۾ به اٿاريو آهي ۽ اعليٰ آمريڪي اختيارين کي به صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته دهشتگرد افغانستان ۾ آمريڪا طرفان ڇڏيو ويو جديد ترين هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪو سڄي خطي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.
پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي قربانين جو ذڪر ڪندي اسپيڪر چيو ته ملڪ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانيون وڃائي چڪو آهي.
پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن بابت ڳالهائيندي سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان هميشه سٺن لاڳاپن جو خواهشمند رهيو آهي ۽ 4.6 ملين افغان پناهگيرن جو ڊگهي عرصي تائين ٻوجهه برداشت ڪيو.
موسمياتي تبديلين جي اثرن تي روشني وجهندي هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جتي 2022 جي آفتن سبب وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.
اپوزيشن جي روين بابت ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته اڄ جيڪا وڏي مخالف ڌر حڪومت کي جعلي ۽ غيرقانوني قرار ڏئي رهي آهي، اها ئي قائد حزب اختلاف، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۽ ٻين اهم ڪاميٽين جي سربراهي ڪري رهي آهي، پر انهن ڪڏهن به عوامي يا قومي مسئلن تي ڳالهائڻ بدران رڳو سياسي فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.
پارلياماني غيرجانبداري تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسپيڪر طور ايوان کي هميشه غيرجانبداري سان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مخالف ڌر کي حڪومت کان وڌيڪ وقت ڏنو.
سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي تصوير بابت وضاحت ڪندي سردار اياز صادق چيو ته سوشل ميڊيا تي پاڪستان جو اصل چهرو نظر نٿو اچي، ملڪ حقيقي سڃاڻپ جو پاڪستان اچي ڏسڻ سان پتو پوي ٿو.
You might also like