خيبرپختونخوا ۾ ڪنهن به آپريشن جي اجازت نه ڏينداسين: گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته صوبي ۾ ڪنهن به آپريشن جي اجازت نه ڏينداسين.
هڪ بيان ۾ هن صوبي ۾ آپريشن جي مخالفت ڪندي چيو ته خيبر پختونخوا ۾ ڪنهن به صورت آپريشن نه ٿيڻ ڏينداسين، ڇو ته جيترا دهشتگرد ماريا وڃن ٿا، اوترا وڌيڪ افغانستان مان اچي رهيا آهن.
علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته ھڪ اندازي موجب 9 هزار 500 کان 11 هزار 500 جي لڳ ڀڳ ويڙھاڪ اڳ ئي سندن علائقن ۾ موجود آهن، جڏهن ته سرحد جي ٻئي پار اٽڪل 22 هزار 500 ويڙھاڪ موجود آهن، پر جيڪڏهن عوام گڏ هجي ۽ نيت صاف هجي ته انهن سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو.
هن قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت ڳالهائيندي چيو ته اهو اجلاس گڏجاڻي کان وڌيڪ هڪ پريزنٽيشن لڳي رهيو هو، جيڪڏهن صرف پريزنٽيشن ۽ پڌرائي جاري ڪرڻ سان دهشتگردي ختم ٿي سگهي ها ته هاڻي تائين ٿي چڪي هجي ها.
علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ باني بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي، جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته عمران خان کي آزاد ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.