ڪڻڪ خريداري ۾ مبينا ڪرپشن، خوراڪ کاتي سنڌ جا عملدار رڪارڊ سوڌو طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب ڪڻڪ خريداري ۾ مبينا ڪرپشن تي سنڌ خوراڪ کاتي جي عملدارن کي طلب ڪري ورتو.
نيب طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي خوراڪ کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري خرم شهزاد عمر، اڳوڻي ڊائريڪٽر امداد شاهه ۽ مختلف ضلعن ۾ مقرر ڊي ايف سيز کي 21 مارچ تي نيب آفيس سکر طلب ڪيو ويو آهي.
ڄاڻايل آفيسرن تي ڪڻڪ خريداري جي مد ۾ مبينا ڪرپشن ۽ ڪڻڪ گم ڪرڻ جو الزام آهي، ان کانسواءِ ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، سکر، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن مان خريد ڪيل ڪڻڪ جو رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو آهي.
خوراڪ کاتي کان سال 23-22-2021 ۽ 24 ۾ خريد ڪيل ڪڻڪ جو رڪارڊ گهريو ويو آهي ۽ ڪڻڪ جي موجوده ذخيري جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته صوبائي خوراڪ کاتي وياج تي بئنڪن کان قرض وٺي اربين رپين جي ڪڻڪ خريد ڪئي هئي ۽ ڪڻڪ خريدري تي پهريان ئي 80 ارب جي نقصان جو انڪشاف ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.