عيد تي خاص ريل گاڏيون هلائڻ جو اعلان، شيڊيول جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلويز طرفان عيد لاءِ ڪراچي مان ٽي خاص ريل گاڏيون هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيون، جن جو شيڊول پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ڪراچي کان لاهور لاءِ ٻه ۽ ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ هڪ عيد خاص ٽرين هلائي ويندي.
پهرين عيد اسپيشل ٽرين 26 مارچ تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تان منجهند هڪ وڳي مسافر کڻي لاهور لاءِ رواني ٿيندي.
ٻي خاص ٽرين 27 مارچ تي ڪراچي سٽي اسٽيشن تان راولپنڊي لاءِ هلائي ويندي، جيڪا رات 8:30 وڳي رواني ٿيندي.
ٽين اسپيشل ٽرين 28 مارچ تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تان رات 9 وڳي لاهور لاءِ رواني ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.