پي ايس ايل معاهدي جي ڀڃڪڙي تي ڏکڻ آفريقي آل رائونڊر کي قانوني نوٽيس

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ڪانٽريڪٽ جي ڀڃڪڙي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڏکڻ آفريقي آل رائونڊر ڪوربن بوش کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو.
پي سي بي جي پڌرائيءَ موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڏکڻ آفريقا جي آل رائونڊر ڪوربن بوش کي ڪانٽريڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ليگل نوٽيس سندس ايجنٽ ذريعي موڪليو.
ڪوربن بوش کي پشاور زلمي پليئر ڊرافٽ ۾ ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ چونڊيو هو.
پي سي بي انتظاميا ليگ کان سندس عليحدگي جي اثرن ۽ امڪاني نتيجن جو به خاڪو پيش ڪيو.
ڪوربن بوش پي ايس ايل سان ڪانٽريڪٽ باوجود آءِ پي ايل کيڏڻ جو فيصلو ڪيو، آءِ پي ايل جي فرنچائز ممبئي انڊينز ڪوربن بوش کي پنهنجي ٽيم جو حصو بڻايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.