مڱڻو اڪشي سان ۽ پرڻو ڪنهن ٻئي سان! روينا ٽنڊن جي نجي زندگي بابت ڇرڪائيندڙ حقيقتون

26 آڪٽوبر 1974 تي ممبئي ۾ پيدا ٿيندڙ روينا ٽنڊن ان ئي شهر مان تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ بالي ووڊ ۾ انٽري ڏني.
هن پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيترائي اعزاز پنهنجي نالي ڪيا، جن ۾ پدم شري ذڪر جوڳو آهي.
روينا جو پيءُ روي ٽنڊن فلم ڊائريڪٽر هو، ڄاڻيو روينا بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون.
روينا جو نالو سندس پيءُ ۽ ماءُ جي نالي مان ڪڍيو ويو، سندس پيءُ جو نالو روي ۽ ماءُ جو نالو وينا هو.
1991 ۾ روينا جي پهرين فلم ”پٿر ڪي پهول“ رليز ٿي، جنهن ۾ هيرو سلمان خان هو، ان وقت روينا جي عمر رڳو 16 سال هئي، سندس پهرين فلم ئي باڪس آفيس تي هٽ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ کيس ڪيترين ئي فلمن جي آڇ ٿي.
روينا جو پيءُ وڏو ڊائريڪٽر هو پر هن پنهنجي ڌيءَ کي فلمن ۾ لانچ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، روينا ماڊل طور ڪم شروع ڪيو ۽ پوءِ فلمن ۾ آئي.
روينا ٽنڊن 21 ورهين جي عمر ۾ ئي ٻن ٻارڙين پوجا ۽ ڇاپا کي پاليو هو، فاروق شيخ جي شو ”جينا اسي ڪا نام هي“ (2002) ۾ هوءَ ٻنهي ٻارڙين سان گڏ شريڪ ٿي، روينا جڏهن انهن ٻنهي کي پاليو ته پوجا جي عمر 11 سال ۽ ڇاپا جي عمر 8 سال هئي.
روينا ٽنڊن مشهور فلم ڊسٽري بيوٽر انيل ٿاڊاني سان 2004 ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن ٻارن جو اولاد آهي.
”دل والي ۽ غير“ جهڙين فلمن ۾ گڏ ڪم ڪرڻ کان اڳ ئي روينا ۽ اجي ديوگن هڪٻئي کي سڃاڻيندا هئا، ٻنهي هڪ ئي ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪلاس ميٽس هئا.
فلم ”مهرا“ جي شوٽنگ دوران روينا ۽ اڪشي ڪمار جو مڱڻو ٿي ويو هو پر ڪجهه عرصي کانپوءِ ٻنهي مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو.
”تو چيز بڙي هي مست مست“ رليز ٿيڻ کانپوءِ روينا ٽنڊن راتورات اسٽار بڻجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.