مُئل پيءُ پٽ جي شادي ۾ شرڪت ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ڀارت ۾ هڪ انوکي شادي جي تقريب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ گهوٽ جي مرحوم پيءُ کي شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪندي ڏٺو ويو، اهو جذباتي لمحو ڏسي اتي موجود ماڻهو دنگ رهجي ويا ۽ ڪيترن ئي جون اکيون ڀرجي آيون.
حقيقت ۾ اهو منظر هٿرادو ذهانت (اي آءِ) جي مدد سان تخليق ڪيو ويو هو.
جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ گهوٽ جو پيءُ حقيقت ۾ شادي تقريب ۾ موجود هو، توڙي جو هو گهڻو عرصو اڳ لاڏاڻو ڪري چڪو هو.
گهوٽ شادي ۾ ان ٽيڪنالاجي جو استعمال ان ڪري ڪيو ته جيئن کيس پنهنجي پيءَ جي غير موجودگي جو احساس نه ٿئي.
اها وڊيو تيزي سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، گهڻن ماڻهن ان کي ٽيڪنالاجي جو هاڪاري استعمال قرار ڏنو، جڏهن ته ڪيترن ئي ان تي حيرانگي جو اظهار ڪيو.
You might also like