پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي ڪرائسٽ چرچ جي هيگلي اوول گرائونڊ تي پاڪستاني وقت موجب صبح 6 لڳي 15 منٽن تي شروع ٿيندي.
پاڪستان ٽيم چيمپيئنز ٽرافي ۾ عبرتناڪ ڪارڪردگي کانپوءِ نيوزيلينڊ جي دوري تي موجود آهي جتي ٻنهي ٽيمن پنج ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته نئين ٽيم سان گڏ نئون ڪمبينيشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، نيوزيلينڊ خلاف سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته نئين ٽيم هجڻ جو مطلب اهو ناهي ته اها سٺي ناهي، سينيئر رانديگر به موجود آهن ۽ ڪمبينيشن به بهتر آهي، اسان هتي رڳو کيڏڻ نه پر کٽڻ لاءِ آيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.