ڪراچي جي رمضان نائيٽ ڪرڪيٽ عالمي سطح تي به مشهور، ”ڪرڪ انفو“ حيران

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيئن ئي رمضان جو مهينو شروع ٿيندو آهي ته ڪراچي جا روڊ ۽ گهٽيون ڪرڪيٽ ميدانن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن.
تراويح نماز کانپوءِ سحري تائين جاري رهندڙ انهن ٽورنامينٽس ۾ نوجوان ڀرپور نموني شرڪت ڪندا آهن، جڏهن ته انهن ٽورنامينٽس ۾ انعامي رقم به رکي ويندي آهي، جنهن سبب رانديگرن جي دلچسپي وڌي ويندي آهي.
ڪراچي ۾ رمضان ڪرڪيٽ جو سڀ کان مقبول فارميٽ ٽيپ بال ڪرڪيٽ آهي، لانڍي، ملير، ناظم آباد، لياري، نارٿ ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ رات دير سان ڪرڪيٽ جا زبردست مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا آهن، جڏهن ته رانديگرن سان گڏ وڏي انگ ۾ تماشائي به موجود هوندا آهن.
ڪرڪيٽ جي ڄاڻ جي انسائڪلوپيڊيا سمجهي ويندڙ مشهور ويب سائيٽ ”ڪرڪ انفو“ به ان سان متاثر ٿي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪراچي جي هڪ ئي روڊ جي مختلف 30 هنڌن تي نوجوان ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهن.
ڪرڪ انفو لکيو ته هي ڪراچي ۾ رمضان نائيٽ اسٽريٽ ڪرڪيٽ جو جنون آهي.
اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي سڄي دنيا جا واهپيدار مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن.
ناليواري گلوڪار ۽ ميزبان فخر عالم وڊيو تي تبصرو ڪندي لکيو ته اها رڳو ڪراچي جي هڪ گهٽي آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي زبردست ٽورنامينٽس ٿي رهيون آهن، اتي شاندار ٽيلينٽ موجود آهي، جيڪو دريافت جو منتظر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.