عالمن سنڌوءَ مان ڪينال ڪڍڻ کي اسلام ۽ آئين خلاف قرار ڏئي ڇڏيو، گڏيل ٺهراءُ پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اتحاد العلماءَ و مشائخ جي ميزباني هيٺ منعقد ٿيل ”پاڻي ڪانفرنس“ ۾ مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سنڌوءَ مان ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ کي اسلام، آئين ۽ قانون جي خلاف قرار ڏيندي پيپلز پارٽي جي مجرماڻي ڪردار جي سخت مذمت ڪئي.
ڪانفرنس ۾ وفاقي حڪومت کي خبردار ڪيو ويو ته هو ملڪي سلامتي ۽ قومي وحدت کي نقصان پهچائڻ وارا منصوبا فوري طور تي واپس وٺي، ڇو ته سنڌوءَ جي پاڻي تي سڀ کان پهريون حق سنڌ جو آهي.
عالمن پنهنجي گڏيل ٺهراءَ ۾ چيو ته نون ڪينالن خلاف سنڌ جو هر باشعور شهري سراپا احتجاج آهي، جڏهن ته سياسي تنظيمون، وڪيل برادري، سول سوسائٽي، مزدور، هاري، شاگرد ۽ پاڻي ماهر به هن منصوبي کي ناقابل عمل قرار ڏئي چڪا آهن، ان باوجود وفاق ۽ پنجاب جو هوڏ ملڪ کي هڪ نئين بحران ۾ ڌڪڻ برابر آهي.
ڪانفرنس جي صدر، جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري قومي مجرم پارٽي بڻجي چڪي آهي ۽ ان جا سنڌ دشمن فيصلا ايندڙ نسلن کي به ڀوڳڻا پوندا.
هن مطالبو ڪيو ته پ پ سنڌ اسيمبليءَ مان مذمتي ٺهراءُ منظور ڪرڻ بجاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ به نون ڪينالن خلاف آواز اٿاري ۽ جيڪڏهن واقعي عوام سان گڏ آهي ته نواز ليگ سان اتحاد ختم ڪري.
مولانا اسدالله ڀٽو، علامه مبشر حسن زيدي، علامه عقيل انجم قادري، مولانا عبدالوحيد اخواني، علامه حزب الله جکرو، مفتي حماد مدني، حافظ نصرالله چنا ۽ ٻين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي مذمت ڪئي.
مولانا عبدالڪريم عابد چيو ته علماءَ ۽ مشائخ تاريخي جدوجهد جو حصو رهيا آهن ۽ سنڌ جي وسيلن جي حفاظت لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.
ڪانفرنس جي گڏيل ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، وفاق سنڌو درياءَ تي نوان ڪينال ٺاهڻ جو منصوبو فوري طور تي ختم ڪري، منبر ۽ محراب تان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف عوامي شعور بيدار ڪيو وڃي، وفاق کان اين ايف سي ايوارڊ، گئس، بجلي ۽ ڪوئلي سميت ٻين وسيلن جي ڦرلٽ جو حساب ورتو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.