افغان اوپنر جي نياڻي لاڏاڻو ڪري وئي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر حضرت الله زازئي جي نياڻي لاڏاڻو ڪري وئي.
افغان آل رائونڊر ڪريم جنت سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪندي مداحن کي ڏکوئيندڙ خبر کان آگاهه ڪيو. هن حضرت الله زازئي جي تازي ڄاول ڌيءَ جي تصوير شيئر ڪندي تعزيتي پيغام پڻ لکيو.
افغان ڪرڪيٽر حضرت الله زازئي ۽ سندس ڪٽنب سان ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي تصديق ڪئي ته ڪرڪيٽر جي نياڻي وفات ڪري وئي آهي.
حضرت الله زازئي جي نياڻي جي لاڏاڻي تي ڪرڪيٽ ڪميونٽي ۽ مداحن طرفان به ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪرڪيٽر طرفان اڃا تائين ڪو بيان سامهون ناهي آيو ۽ نه ئي معصوم ٻارڙي جي وفات جو ڪارڻ ٻڌايو ويو آهي.
ياد رهي ته حضرت الله زازئي آخري ڀيرو ٽي مهينا اڳ زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ افغانستان جي نمائندگي ڪئي هئي، جڏهن ته هو چيمپيئنز ٽرافي ۾ حصو وٺندڙ اسڪواڊ جو حصو نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.