ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي جي اگهه قيمت ۾ 4700 رپين وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ في تولو سون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون چار هزار ست سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 14 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 4 هزار 30 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 69 هزار 204 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ في اونس سون 46 ڊالر اضافي سان 2 هزار 9 سئو 88 ڊالرز جو ٿي ويو آهي. واضح رهي ته سون جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن به قيمت 2800 رپيا وڌي هئي.
You might also like