ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ثقافت کاتي خانا بدوش رائيٽرس ڪيفي خالي ڪرائڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
ڪلچر کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيس موجب، خانا بدوش رائيٽرس ڪيفي بابت عدالتي فيصلي موجب ڪرايو ادا نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب 7 ڏينهن اندر ڪيفي خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻارن جي پارڪ ۾ قائم ڪيل خانا بدوش ڪيفي جي مسواڙ ادا نه ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ان خلاف قدم کنيو پيو وڃي.
You might also like