دهشت گردي ختم نه ڪئي ته ملڪ جو وجود خطري هيٺ هوندو: وزيراعظم

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن اسان دهشتگردي جي ناسور کي ختم نه ڪيو ته پاڪستان جي وجود کي خطرو ٿي سگهي ٿو. هن وقت سڀ کان وڏي ضرورت قومي ٻڌي جي آهي، جيترو  اسان ۾ اتفاق هوندو، اوتري دليري سان پاڪ فوج دهشتگردن جو جلد خاتمو ڪندي. ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته معصوم پاڪستانين کي شهيد ڪيو ويو ۽ رمضان جو احساس نه ڪيو ويو، اهڙا واقعا پاڪستان جي تاريخ ۾ ناهن ٿيا. جنرل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ ڪور ڪمانڊر جي سرپرستي ۾ ڪيترائي يونٽس مقرر هئا، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، ايم او ڊائريڪٽوريٽ ۽ ضرار ڪمپني اهڙن ماڻهن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي آهي انهن گڏيل اسڪيم ٺاهي ۽ 339 پاڪستانين کي آزاد ڪرايو، 33 دهشتگردن کي ماريو. وزيراعظم چيو ته ٻيهر ان ناسور ڪر ڇو کنيو؟ ان جي منڍي چٿي وئي هئي، هي اهو سوال آهي جيڪو کوڙ ڀيرا اٿريو، جيڪي طالبان سان دل جو رشتو ڳنڍيندا هئا، انهن هزارين طالبان کي ٻيهر ڇڏيو. پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر مذاق اڏايو وڃي، توهين ڪئي وڃي، ان کان وڏي ملڪ دشمني نٿي ٿي سگهي. ان کان وڏو ڪو ڏوهه ناهي جن طالبان کي پاڪستان ۾ دعوت ڏني. شهباز شريف چيو ته بلوچستان ترقي جي ڊوڙ م پوئتي رهجي ويو، مان اها ڳالهه مڃان ٿو. هن چيو ته بلوچستان ۾ ليويز تي 80 ارب رپيا ساليانو خرچ ٿئي ٿو رڳو 33 هزار ليوي اهلڪار آهن جن وٽ ساز سامان ئي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.