نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ لاءِ رٽائرمينٽ واپس، شوقين وهاب رياض تي ڏمريل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو فاسٽ بالر ۽ چيف سليڪٽر وهاب رياض هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي.
جڳ مشهور ڪرڪيٽ رسالي وزڊن موجب، 2023ع ۾ عالمي ڪرڪيٽ ڇڏڻ کانپوءِ وهاب رياض ٻيهر ميدان ۾ واپسي ڪئي.
لاهور جي علي ڳڙهه گرائونڊ ۾ لاهور ريجن ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن طرفان ڊوميسٽڪ ٽي-ٽوينٽي نيشنل ٽي-ٽوئنٽي ڪپ لاءِ ٽرائل ميچ کيڏي.
ميچ دوران وهاب رياض ٽن اوورن ۾ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي ۽ 31 رنسون ٺاهيون.
هن جي رٽائرمينٽ واپس وٺڻ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي وئي، جنهن بعد هن ٻيهر رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. سلمان بٽ ٽي وي شو چيمپيئنز زون ۾ ان جي تصديق ڪئي.
رٽائرمينٽ کانپوءِ وهاب رياض پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪري چڪو آهي.
نومبر 2023 ۾ چيف سليڪٽر بڻيو، پر 2024 جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان جي خراب ڪارڪردگي بعد کيس عهدي تان هٽايو ويو.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 دوران وهاب رياض کي پاڪستان ٽيم جو مينٽور ۽ يونٽ سپروائزر مقرر ڪيو ويو. ان کانسواءِ هو نگران حڪومت دوران پنجاب جو راندين جو وزير پڻ رهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.