جعفر ايڪسپريس حملو، دهشتگرد ڪارروائين پٺيان ڀارت جو هٿ آهي: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي پويان ڀارت جو هٿ آهي.
پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان شفقت علي خان چيو ته اسان جعفر ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي کانپوءِ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري ورتو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته جعفر ايڪسپريس تي حملو به پرڏيهي قيادت جي سازش جو نتيجو هو ۽ پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جا پيرا ڀارت ڏانهن وڃن ٿا.
ترجمان وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ تازين دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث عنصر افغانستان ۾ ويٺل پنهنجي ساٿين سان رابطي ۾ هئا.
هن انڪشاف ڪيو ته حملي دوران ٽريس ٿيل ڪالز مان ظاهر ٿيو آهي ته دهشتگرد افغانستان سان سڌي ريت رابطي هئا.
هن چيو ته دهشتگردن جا افغانستان ۾ محفوظ ٿاڪ آهن، جڏهن ته پاڪستان بار بار افغان عبوري حڪومت کان مطالبو ڪندو رهيو آهي ته هو بي ايل اي جهڙن دهشتگرد گروپن کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ کان روڪين.
ترجمان چيو ته سفارتي رابطا عوامي سطح تي بيان ناهيون ڪندا، پر ماضيءَ ۾ به اهڙن واقعن جا مڪمل تفصيل افغانستان سان شيئر ڪيون ويا آهن، اِهو هڪ مسلسل عمل آهي جيڪو جاري رهندو آهي.
هن چيو ته افغانستان بابت پاڪستان جي بنيادي ترجيح دوستاڻن ۽ ويجهن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي، ان ڏس ۾ رابطن جو تسلسل ضروري آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته دهشتگردي اسان لاءِ هڪ انتهائي سنجيده مسئلو آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ اسان ڪيترن ئي دوست ملڪن سان سهڪار جاري رکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.