اڳوڻو آسٽريلوي ڪرڪيٽر منشيات ڪيس ۾ ڏوهاري قرار

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪ گل کي منشيات ڪيس ۾ ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اسٽيورٽ ميڪ گل ڪوڪين جي ڏي وٺ ۾ سهولتڪاري ۾ ملوث هئڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو، کيس پنهنجي ڀاڻيجي ۽ اسٽريٽ ڊرگ ڊيلر سان سهولتڪاري ڪرڻ تي به ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، نيو سائوٿ ويلز ڊسٽرڪٽ ڪورٽ 8 ڏينهن جاري رهندڙ ٽرائل کانپوءِ فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ جيوري ڪرڪيٽر جي اِها دعويٰ به رد ڪري ڇڏي ته هن رڳو ٻن ماڻهن کي هڪ ٻئي سان متعارف ڪرايو هو.
رپورٽس موجب، هي منشيات ڪيس 2021 کان هلندڙ هو، پر ميڪ گل کي وڏي پيماني تي منشيات جي ڪاروبار ۾ سڌي ريت ملوث قرار ناهي ڏنو ويو.
ميڪ گل قبول ڪيو ته هو باقاعدگي سان 200 ڊالرز ۾ اڌ گرام ڪوڪين خريد ڪندو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ميڪ گل کي هلندڙ سال جي آخر تائين سزا ٻڌائڻ واري عمل کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.