ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن حملي ڪري مسافرن کي يرغمال بڻائي ورتو، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
ليويز اختيارين موجب، جعفر ايڪسپريس تي فائرنگ جو واقعو بلوچستان جي ضلعي ڪڇي (بولان) جي علائقي پيرو ڪنري ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ريل جو ڊرائيور زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ٽرين هن وقت سرنگهه ۾ بيٺل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مسافر ٽرين ڪوئيٽا کان پشاور وڃي رهي هئي، ان دوران پهريان ٽريڪ تي ڌماڪو ڪيو ويو ۽ پوءِ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ٽرين ۾ موجود سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ حملو ڪندڙن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ به ٿي.
ريلوي اختيارين موجب، جعفر ايڪسپريس 9 بوگين تي ٻڌل آهي ۽ ٽرين ۾ 400 کان وڌيڪ مسافر سوار آهن، جيڪا اڄ صبح 9 وڳي ڪوئيٽا مان رواني ٿي هئي.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته جعفر ايڪسپريس تي شديد فائرنگ جا اطلاع مليا آهن، دهشتگردن ٽرين تي حملو ڪيو، ايمبولينسون واقعي واري هنڌ روانو ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سبي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردن جعفر ايڪسپريس کي سرنگهه ۾ روڪي مسافرن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، يرغمالين ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي، جڏهن ته حملو ڪندڙن پرڏيهه ۾ پنهنجي سهولتڪارن سان به رابطي ۾ آهن.
سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ دهشتگردن جي خاتمي تائين ڪليئرنس آپريشن جاري رهندو.
بلوچستان: دهشتگردن ٽرين تي حملو ڪري مسافرن کي يرغمال بڻائي ورتو، فورسز جو آپريشن جاري
You might also like