پشاور (ويب ڊيسڪ) 2018 جي ايشين گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ فٽبالر محمد رياض مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو.
فٽبالر بيروزگاري سبب پنهنجي گذر سفر لاءِ جليبيون وڪڻڻ تي مجبور آهي.
فٽبالر جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي سالن کان اوسيئڙو ڪيو ته سرڪاري کاتن ۾ رانديون بحال ٿين، اعلي اختيارين طرفان ان حوالي سان ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا.
محمد رياض چيو ته گذر سفر لاءِ مجبور ٿي هيءُ رستو اختيار ڪيو، جيتوڻيڪ سرڪاري کاتن ۾ راندين جي بحاليءَ جو اعلان ڪيو ويو هو، پر عملي طور تي ان جا نتيجا نظر نٿا اچن.
واضح رهي ته محمد رياض ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيم جو حصو رهيو آهي ۽ هاڻي سرڪاري کاتن ۾ راندين جي بندش سبب مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.