سيئول (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڪورين پاپ اسٽار چو وهيسنگ 43 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪورين گلوڪار ۽ ليکڪ چو وهيسنگ گذريل شام ڏکڻ ڪوريا جي شهر سيئول ۾ پنهنجي اپارٽمينٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آيو.
ميڊيا رپورٽس جو چوڻ آهي ته گلوڪار جي گذريل شام پنهنجي مئنيجر سان گڏجاڻي رٿيل هئي، پر هو ميٽنگ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.
ان کانپوءِ مرحوم جي ماءُ جڏهن کيس ڏسڻ وئي ته هو بيهوش هو، جنهن تي کيس فوري طور اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
رپورٽس موجب، چو وهيسنگ جي موت جو صحيح سبب اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيو آهي، جڏهن ته امڪاني طور آپگهات يا وڏي مقدار ۾ منشيات جي استعمال کي ان جو ڪارڻ قرار ڏنو پيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته، جڏهن پاپ اسٽار کي بيهوشي واري حالت ۾ ڏٺو ويو، تڏهن ئي کيس فوت ٿئي گهڻو وقت گذري چڪو هو.
پوليس موجب، واقعي واري هنڌ ڪنهن به سازش يا غير فطري موت جا نشان نه مليا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس موت طبي سببن جي ڪري ٿيو.
ياد رهي ته وهيسنگ 2002 ۾ پنهنجي موسيقي جي شروعات ڪئي هئي، هو 2021 ۾ غير قانوني طور تي بيهوشي جي دوا استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿيو هو، جنهن سبب کيس هڪ سال قيد جي سزا پڻ ٻڌائي وئي هئي.
You might also like