اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سپر ٽيڪس هڪ ڀيرو خاص مقصد لاءِ لڳايو ويو هو ۽ هڪ ڀيرو سپر ٽيڪس لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ڇا قيامت تائين هلندو؟
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بينچ سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ ڪمپنين جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏنا.
وڪيل مخدوم علي عدالت کي ٻڌايو ته سپر ليوي ٽيڪس حڪومت 2015 ۾ لاڳو ڪيو، جنهن جو مقصد آپريشن ضرب عضب سان متاثر علائقن جي بحالي هو، حڪومت مني بل 2015 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو، سال 2015 کان 2022 تائين سپر ٽيڪس لاڳو رهيو، جنهن جو شروعاتي ڪاٿو 80 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو هو پر خبر ناهي ته حڪومت سپر ليوي ٽيڪس جي مد ۾ ڪيتري رقم گڏ ڪئي، حڪومت کان پڇيو وڃي ته ڪيترو ٽيڪس گڏ ٿيو.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڪو حساب آهي ته سپر ٽيڪس ۾ ڪيتري رقم گڏ ٿي، ان تي وڪيل مخدوم علي چيو ته ناڻي واري وزارت جي ڪنهن تقرير ۾ سپر ٽيڪس جي ريڪوري ۽ خرچ جو ناهي ٻڌايو ويو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سپر ٽيڪس آپريشن جي متاثرن جي بحالي لاءِ هو، حقيقت آهي ته دهشتگردي روز جو مسئلو آهي، آپريشن ۾ مجموعي طور ڪيترا ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ ڪهڙن علائقن مان ٿيا؟ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ حڪومتي پلان ڪهڙو هو ۽ ڇا متاثر علائقن جي آبادڪاري جو ڪو پي سي ون تيار ٿيو؟ ڇا متاثر علائقن جي بحالي جو ڪو ڪاٿو لڳايو ويو؟ ڇا مني بل ذريعي سروسز تي ٽيڪس لاڳو ڪري سگهجي ٿو؟
وڪيل جواب ڏنو ته حڪومت آمدني تي اڳ ئي انڪم ٽيڪس وٺي چڪي هئي، ڊبل ٽيڪسيشن کان بچڻ لاءِ سپر ٽيڪس جو نالو ڏنو ويو، سوشل ويلفيئر جو سبجيڪٽ صوبن کي منتقل ٿي چڪو آهي، اهو سپر ٽيڪس نه ٽيڪس آهي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سپر ٽيڪس هڪ ڀيرو خاص مقصد لاءِ لڳايو ويو هو، ڇا سپر ٽيڪس هڪ ڀيرو لاڳو ٿيڻ کانپوءِ قيامت تائين هلندو؟ جسٽس امين الدين چيو اعتراض آهي ته قومي مجموعي فنڊن مان رقم صوبن جي راضپي بنا ڪيئن خرچ ٿي سگهي ٿي.
ايف بي آر وڪيل رضا رباني دليل ڏنا ته دهشتگردي خلاف جنگ مسلسل عمل آهي، متاثر دهشتگردي جي خاتمي جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا، ان تي ڪمپنين جي وڪيل چيو ته ڇا دهشتگردي 2020 ۾ ختم ٿي وئي؟ حڪومت 2020 ۾ سپر ٽيڪس وصولي ختم ڪري ڇڏي؟
پوءِ آئيني بينچ سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like