ٻاهرين ملڪ سفر لاءِ ويزا لازمي هوندي آهي، پر هاڻي بنا ويزا مختلف ملڪ گهمڻ جو خواب ڏسندڙ پنهنجي خواهش پوري ڪري سگهن ٿا.
ڪجهه ملڪن جا پاسپورٽ ايترا سگهارا هوندا آهن جو انهن جا شهري درجنين ملڪن ۾ ويزا کانسواءِ داخل ٿي سگهن ٿا يا آن ارائيوئل ويزا حاصل ڪري سگهن ٿا.
ان سلسلي هڪ ننڍڙو ملڪ سڄي دنيا جي ماڻهن کي اِهو موقعو ڏئي رهيو آهي ته هو بنا ويزا 89 ملڪن جو سفر ڪري سگهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هي ملڪ نائورو آهي، جيڪو پنهنجي شهريت وڪرو ڪري رهيو آهي، دنيا جو ڪو به شخص ان ملڪ جي شهريت حاصل ڪري سگهي ٿو، جنهن جي قيمت 105000 آمريڪي ڊالر (اٽڪل 3 ڪروڙ پاڪستاني رپيا) آهي.
جيڪو به اها رقم ادا ڪندو، ان کي نائورو جو گولڊن پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو، جنهن ذريعي هو بنا ويزا برطانيا، گڏيل عرب امارات، سنگاپور، آئرلينڊ سميت 89 ملڪن ۾ سفر ڪري سگهي ٿو.
شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيندڙ جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هجڻ گهرجي، سندس ڪوبه ڏوهاري پس منظر نه هجي، مالي ذريعن جي تصديق ڏيڻي پوندي، مڪمل انٽرويو ڪرڻو پوندو ۽ وفاداري جي ساک کڻڻي پوندي
ان سان گڏ سندس جيون ساٿي، 30 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار ۽ والدين به شهريت لاءِ درخواست ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا.
ياد رهي ته دنيا ۾ 20 اهڙا ملڪ آهن جيڪي پنهنجي شهريت وڪرو ڪن ٿا ۽ گولڊن پاسپورٽ جاري ڪن ٿا. انهن ۾ وانواتو، آسٽريا، مالٽا، ڊومينيڪا، سينٽ لوشيا ۽ ترڪيه شامل آهن.
You might also like