تاريخ جي سنهڙي ترين سمارٽ ۾ فون ۾ ڇا ڇا هوندو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

هن سال جيڪو نئون آءِ فون ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجندو، اهو ڪمپني جو سڀ کان سنهڙو سمارٽ فون هوندو.
آءِ فون 16 پلس جي جاءِ والاريندڙ آءِ فون 17 ائير بابت ڊگهي عرصي ليڪس سامهون اچي رهيون آهن ۽ هاڻي هڪ نئين رپورٽ ۾ وڌيڪ تفصيل سامهون آيون آهن.
رپورٽ موجب، آءِ فون 17 ائير ۾ 6.7 انچ ڊسپلي، 48 ميگا پڪسل مين ڪيمرا ۽ 12 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا شامل هوندي.
فون ۾ 128 جي بي اسٽوريج (ٻيا اسٽوريج آپشن به موجود هوندا) ڏني ويندي.
ان جي ڀيٽ ۾ آءِ فون 17 پرو ميڪس 6.9 انچ ڊسپلي سان گڏ ايندو ۽ ان جو ڪيمرا سيٽ اپ آءِ فون 16 پرو ميڪس جهڙو هجڻ جو امڪان آهي.
آءِ فون 17 ائير جي خاص ڳالهه ان جي سائيز آهي ڇو ته هي ايپل جي پرو ماڊلز جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ سنهڙو هوندو.
نائين ٽو فائيو جي رپورٽ موجب، آءِ فون 17 ائير ڪنهن به ڪمپني طرفان تيار ڪيل سڀ کان سنهي آءِ فونهوندي، جيڪا رڳو 5.59 ملي ميٽر هوندي.
فون جي ڪانسيپٽ ڊيزائن مان ظاهر ٿئي ٿو ته فون جي پوئين پاسي اسڪوائر ڪيمرا سيٽ اپ ختم ڪيو ويندو ۽ ان جي جاءِ تي نئين ڊيزائن چونڊي ويندي.
آءِ فون 17 سيريز جو بئڪ ڪيمرا ڊيزائن گوگل پڪسل فونز جي پل) ڪيمرا بار جهڙي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.