وڪرانت گپتا پاڪستانين جو پيار ڏسي وائڙو، پاڻ کي شاهه رخ خان سمجهڻ لڳو!

ڀارت جي ناليواري اسپورٽس جرنلسٽ وڪرانت گپتا چيو آهي ته پاڪستان ۾ مون کي ڏاڍو پيار مليو، پاڪستانين جي ميزباني شاندار هئي، مان پاڻ کي شاهه رخ خان سمجهڻ لڳو هيس.
چيمپيئنز ٽرافي جي سلسلي ۾ پاڪستان ايندڙ وڪرانت گپتا ميزباني ڏسي پاڪستانين جو ديوانو ٿي ويو.
هن چيو ته مان پاڪستان ۾ 8 کان 10 ٽي وي چينلن کي انٽرويو ڏنا، مان چيمپيئنز ٽرافي جي سلسلي ۾ پنهنجي چينل لاءِ پاڪستان ۾ پيشيوراڻيون خدمتون انجام ڏيڻ ويو هيس پر پاڪستانين جي پيار سبب رڳو 20 سيڪڙو ئي ڪم ڪري سگهيس.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڀارتي رانديگرن جا لکين مداح آهن، خاص طور ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ جسپريت بمرا جا چاهيندڙ کوڙ آهن، پاڪستاني عوام انهن رانديگرن لاءِ نعرا به هنيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.