اي آءِ جي مدد سان موت جي اڳڪٿي ڪندڙ انوکي ويب سائيٽ!

ڪنهن انسان جو موت ڪڏهن ٿيندو، اها اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناهي پر هاڻ اي آءِ کي موت جي اڳڪٿي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
هي ها! ڊيٿ ڪلاڪ نالي هڪ اي آءِ ماڊل تي ڪم ڪندڙ ويب سائيٽ جي ته اها ئي دعويٰ آهي.
اها ويب سائيٽ ڄم جي تاريخ، جنس، تماڪ واپرائڻ، الڪوحل جي استعمال، وزن ۽ زندگي بابت تفصيلن کي استعمال ڪري موت جي تاريخ جي اڳڪٿي ڪندي آهي.
جڏهن ڪو واهپيدار سمورا تفصيل داخل ڪندو آهي ته ويب سائيٽ موت جي ڏينهن جي اڳڪٿي ڪندي آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪو فرد ان اڳڪٿي کان ناهي ڊڄندو ته ويب سائيٽ طرفان هيٺ هڪ آپشن ڏنو ويندو آهي، جنهن تي ڪلڪ ڪري اهو موت جو ڪارڻ ڄاڻي سگهي ٿو.
ويب سائيٽ ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته ان اڳڪٿي کي ماڻهو تفريح طور استعمال ڪندا آهن، ڇو ته اهو ڪلڪيوليٽر ڪنهن به فرد جي موت جي حقيقي تاريخ جي اڳڪٿي نٿو ڪري سگهي.
اها ايپ غذا، ورزش، تماڪ جي استعمال، دٻاءَ ۽ ننڊ سميت ٻين تفصيلن کي استعمال ڪري موت جي تاريخ جي اڳڪٿي ڪندي آهي.
ان کي ٺاهيندڙ ڊويلپر برينٽ فرانسن موجب اها ايپ ماڻهن کي پنهنجو خيال رکڻ لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، ايپ ۾ هڪ ڊيٿ ڊي ڪارڊ ڊسپلي ڪيو ويندو آهي پر ان جو بنيادي مقصد ماڻهن کي صحت تي ڌيان ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.