اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مشال يوسفزئي جي جيل ۾ داخلا تي پابندي خلاف توهينِ عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل ۽ مشال يوسفزئي وچ ۾ ڏند چڪ دوران جسٽس سردار اعجاز رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان ٻئي پاڻ ۾ ڇو وڙهي رهيا آهيو؟ سمجهو ڇو نه ٿا ته هي سڀ ڪنهن ٻئي هنڌان ٿي رهيو آهي، جنهن جو نالو به نٿا وٺي سگهون.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق پي ٽي آءِ اڳواڻ مشال يوسفزئي جي جيل ۾ داخلا تي پابندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ مشال يوسفزئي ۽ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران جيل جي سپرنٽنڊنٽ عدالت کي آگاهه ڪيو ته عدالت جو ئي حڪم آهي ته پي ٽي آءِ باني کان لسٽ وٺي ڪوآرڊينيٽر ذريعي اجازت ڏني وڃي.
ان موقعي تي ايس پي جيل پي ٽي آءِ باني جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن تي عدالت سوال ڪيو ته ڇا هي صحيح پي ٽي آءِ باني جي آهي ؟ جنهن تي ايس پي جيل ٻڌايو ته ها، هي لسٽ عمران خان جي هٿ سان لکيل آهي ۽ صحيح به ان جي ئي آهي.
مشال يوسفزئي چيو ته هي ڪڏهن نالو ڪڍي ٿا ڇڏين، ڪڏهن نالو شامل ڪن ٿا، هي لسٽ ڀروسي جوڳي ناهي، وڊيو لنڪ ذريعي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کان تصديق ڪرائي وڃي.
ايس پي جيل چيو ته اسان وٽ جيڪي به نالا اچن ٿا، اِهي پي ٽي آءِ باني کان فائنل ڪرائيندا آهيون.
ان تي مشال يوسفزئي چيو ته هر دفعي هڪ نئين ڳالهه سامهون اچي ٿي.
ٻڌڻي دوران جسٽس سردار اعجاز رمارڪس ڏنا ته اسان سڀ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيون، جڏهن ته ٻي ٻيڙيءَ ۾ ڪو ٻيو سوار آهي.
ايس پي جيل چيو ته اسان انهن کي ئي اجازت ڏيندا آهيون، جن کي هو پاڻ گهرائين ٿا.
مشال يوسفزئي دعويٰ ڪئي ته گذريل اڱاري تي وڪيلن کي بشريٰ بي بي سان ملڻ نه ڏنو ويو، بشريٰ بي بي جي احتجاج کانپوءِ 10 منٽن جي ملاقات ٿي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جي لسٽ آهي ته وڊيو لنڪ ذريعي کائنس پڇي سگهجي ٿو.
عدالت هدايت ڪئي ته مشال يوسفزئي کي وٺي وڃو ۽ ٻنهي سان ملاقات ڪرائي، اتي ئي کانئن لکرايو ته هوءَ ڪهڙي ڪيس ۾ وڪيل آهي، جنهن ڪيس ۾ سندس وڪالت نامو هجي ان ۾ ئي اجازت ڏني وڃي.
ان تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته هوءَ ( مشال يوسفزئي) هر روز نئون وڪالت نامو کڻي ايندي آهي.
جسٽس سردار اعجاز چيو ته توهان ٻئي پاڻ ۾ ڇو وڙهي رهيا آهيو؟ ۽ سمجهو ڇو نه ٿا ته هي سڀ ڪنهن ٻئي هنڌان ٿي رهيو آهي، جنهن جو نالو به نٿا وٺي سگهون، کيس پنهنجن ڪلائنٽس سان ملڻو آهي، اڄ ملاقات ڪرائي ڇڏيو، هي وڃي کين مسئلو ٻڌائي ۽ جيڪڏهن چاهي ايندڙ دفعي لسٽ ۾ سندس نالو به شامل ڪريو، في الحال مان درخواست اڪلائي رهيو آهيان.
ان کان پوءِ عدالت مشال يوسفزئي جي درخواست تي ٻڌڻي ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
مشال يوسفزئي جي جيل ۾ داخلا تي بندش، سڀ جتان ٿي رهيو آهي ان جو نالو به نٿا کڻي سگهون: جسٽس اعجاز
You might also like