هڪ ئي وقت ٽي وفاقي وزارتون..! عليم خان وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جي اڳواڻ عليم خان ٽن مان ٻه وفاقي وزارتن تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، عليم خان نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات مان رڳو هڪ وزارت پاڻ وٽ رکڻ جو ارادو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالعليم خان وزارت نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ جو قلمدان ڇڏي ڏيندو، جڏهن ته مواصلات واري وزارت پاڻ وٽ رکندو.
ذريعن موجب، وفاقي وزير عبدالعليم خان ان سلسلي ۾ وزيراعظم کي به اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ آهي ته هن اِهو فيصلو هڪ وزارت تي مڪمل ڌيان ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.