ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سنڌو تي ڪئنال اڏڻ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن تي رياستي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اڳتي ڪنهن نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ته اسان به عملدارن کي ڏنڊا هڻنداسين.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صوبائي عملدارن کي سنڌوءَ تي تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن تي لٺيون وسائڻ بدران اسلام آباد وارن تي وهائڻ گهرجن ها.
هن الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آهن ۽ ڪئنالن جي منظوري تي به سندن اڳواڻن جا هٿ آهن.
ذوالفقار علي ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مختلف نظرياتي ڌريون موجود آهن، پر ڪئنالن واري معاملي تي سڀ هڪ آواز آهن.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان رابطي بابت سوال تي هن چيو ته بلاول سان ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي يا نه ان جي ڪابه اهميت نه آهي.
هن واضح ڪيو ته هو ڪنهن خاندان جي نه، پر سنڌ جي عوام جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.
جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو دعويٰ ڪئي ته سرڪاري سپاف (سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن ) جي خوف سبب ڪئنالن خلاف احتجاج نٿي ڪري.
هن چيو ته اسان پنهنجي جان قربان ڪري سگهون ٿا، پر سنڌو تي ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته پنهنجا مڙهه اسلام آباد موڪلينداسين.
هاڻي ڪنهن نوجوانن تي تشدد ڪيو ته اسان به عملدارن کي ڏنڊا هڻنداسين: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
You might also like